ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي ڪابينه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي ڪابينه سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ فنانس بل 2021 جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ احساس پروگرام جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. بجلي ۽ خوراڪ جي شعبي ۾ سبسڊي وڌائي پئي وڃي ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۽ هائوسنگ منصوبن جي لاءِ گرانٽس ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 36 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ نئين سال ترقياتي بجيٽ ۾ 2 هزار 102 ارب روپيه رکيا ويندا. صوبن جو ترقياتي بجيٽ 867 ارب مان وڌائي 1 هزار 202 ارب روپيه رکيو ويو آهي. پنجاب جي سرڪاري ترقياتي منصوبن لاءِ 500 ارب، سنڌ لاءِ 321 ارب، خيبرپختونخواهه جي ترقياتي منصوبن لاءِ 248  ۽ بلوچستان لاءِ 133 ارب روپيه رکيا ويا آهن.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موٽر وي، هاءِ وي، بين الصوبائي روڊن، ايئرپورٽس ۽ ريلوي پروجيڪٽس لاءِ 244 ارب روپيه رکيا ويا آهن. خيبر پاس اڪنامڪ ڪوريڊور پروجيڪٽ جي لاءِ ساڍا 8 ارب، گوادر ايئرپورٽ جي تعمير لاءِ 1 ارب 10 ڪروڙ، ريلوي مين لائن ايم ايل ون جي لاءِ 6 ارب 20 ڪروڙ روپيه رکڻ جي تجويز آهي. ديامر ڀاشا، مهمند ۽ داسو ڊيم جي لاءِ ساڍا 84 ارب روپيه رکيا ويندا. جڏهن ته 78 ارب سي پيڪ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي منصوبن، لاءِ رکيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو