مقرر اگهن کان وڌيڪ رقم وٺندڙن تي ڏنڊ، غير معياري تيل ۽ ٻيون شيون ضايع

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) پنوعاقل ۾ ايس ڊي ايم پاران رمضان پيڪيج جي حوالي سان ڪارروائي، غير معياري شين کي دڪانن مان ڪڍي روڊن تي اڇلائي ڇڏيو، مقرر ريٽ کان وڌيڪ وڪرو ڪندڙ ميوا ۽ سبزي جي ريڙهن وارن تي ڏنڊ هني ڇڏيو. ايس ڊي ايم پنوعاقل مولاداد دراني پاران غير معياري شين جي وڪري ۽ مقرر ريٽ کان وڌيڪ ريٽ ۾ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن، ميون ۽ سبزين جي ريڙهن وارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وئي. ڪاروائي دوران وڪري لاءِ رکيل غير معياري جوسن، گيھ جي جهرين ۽ ٻين شين کي دڪانن مان ڪڍرائي روڊن تي اڇلائي دڪان مالڪن تي هزار هزار رپيا ڏنڊ هنيا.

ميون ۽ سبزين جون ريٽ لسٽس چيڪ ڪري مقرر ريٽ کان وڌيڪ ريٽ ۾ وڪرو ڪندڙ دڪاندارن ۽ ريڙهن جي مالڪن کي ڇنڊ پٽڻ بعد ڏنڊ پڻ هنيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو