مقابلو مهرن ۾ نه پر جمهوري ۽ غيرجمهوري قوتن ۾ آهي

گهوٽڪي(حميد ڪلادي) اڳوڻي صوبائي وزير ڄام مھتاب ڏھر، عبدالباري پتافي ۽ اين اي 205 جي پ پ اميدوار سردار محمد بخش مھر جي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گھوٽڪي پ پ جو ڳڙہ آھي 18 جولاء تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿيندو پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي راجا مھر ڪنھن جي حمايت ڪندو اھو پاڻ ٻڌائي سگھي ٿو. احمد علي مھر جي بلاول سان ملاقات ڪرائي ٽڪيٽ ڏياري پر ھن پنھنجا فيصلا ڪرڻ بدران ٻين جي فيصلن تي ھلي پيو. هنن چيو ته علي گوهر خان وارا ضلعي چيئرمين بہ پي پي جي پليٽ فارم تي رھيا آھن، جيڪي بہ ڪم ٿيا آھن اھي پ پ ڪرايا آھن. هنن سوال ڪيو ته وزيراعظم عمران خان کي اڳ ۾ علي محمد مھر جي تعزيت ياد نہ آئي، هن ننڍي چونڊ تي اثر انداز ٿيڻ  لاء گھوٽڪي جو دورو ڪيو. پ پ اھواڻن چيو ته ننڍي چونڊ ۾ مقابلو مھر خاندان جي فردن نہ پر جمھوري ۽ غير جمھوري سوچن ۽ قوتن وچ ۾ آھي. محمد بخش خان چيو ته مون نامزدگي فارم ۾ پنھنجا اثاثا ظاھر ڪيا آھن ڪجھ بہ ناھي لڪايو،جيڪڏھن نامزدگي فارم ۾ اثاثا ظاھر نہ ڪريان ھا تہ ٽربيوبل منھنجي حق ۾ فيصلو نہ ڏئي ھا، مون خلاف اڳ ۾  انتقامي ڪاروائي ڪري فارم رد ڪرايا ويا ھئا، مونکي ڊس ڪواليفاء نہ ڪيو ويو ھو. هن چيو ته ڪالھ ٻن مختياڪار کي مبينا اغوا ڪرڻ کانپوء ننڍي چونڊ جي شفاف ھجڻ بابت خدشا پيدا ٿيا آھن،  پيپلز پارٽي پرامن چونڊ چاھي ٿي انتشار نہ پکيڙيو وڃي اسان جي ڪوششن سبب ٻئي مختيارڪار بازياب ٿيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو