معصوم ٻارڙي سان بدفعلي جي ڪوشش، ملزم گرفتار

ڏهرڪي (قادر خان جٽ) پوليس بلوچ ڪالوني ۾ معصوم ٻارڙي سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن بلوچ ڪالوني ۾ 4 سالن جي معصوم ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار شاھد ڀٽو کي ڳوٺ ھاشم ڀٽو مان ايس ايڇ او ڏهرڪي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو. ايس ايڇ او ڏهرڪي طفيل ڀٽو جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ٻارڙي جي پيءُ عمر شيخ پاران ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي وئي هئي جنهن تي ڪاروائي ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو