معصوم ٻارڙي جون ٽنگون سُڪي ويون، علاج جي اپيل

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺاڻي جي ،اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مھڻوائي جي رهواسي پورهيت بشير لنجو جو چئن ورهين جي معصوم نينگر اسداللّه جون ٽنگون سُڪي ويون آهن،ڪافي علاج ڪرائڻ باوجود ڪو فائدو نه ٿيڻ بعد غريب پورهيت معذور پُٽ کي هنج ۾ کڻي پريس ڪلب پهتو،جتي بشير لنجو دانهيندي چيو ته منهنجي پُٽ جون ٽنگون سُڪي ويون آهن،ڪافي خرچ ڪري ڊاڪٽرن کان علاج به ڪرايو پر فائدو نه ٿو ٿئي،ڊاڪٽر چون ٿا پوليو ناهي،باقي نينگر جو آپريشن ٿيندو جنهن جو خرچ ٽي لک ايندو،اسان وٽ ايترا ڏوڪڙ ناهن،هن چيو ته منهنجي هڪ ٻئي پٽ کي پراسرار بيماري هئي جنهن جو ماڻهن کان مدد وٺي آپريشن ڪرايو جيڪو بلڪل صحتياب ٿي ويو ۽ هاڻي هن پٽ کي به ساڳي بيماري آهي  غريب پورهيت آهيان آئون وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي معصوم پٽ جي علاج ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو