ڪنڌڪوٽ (ن س) ڪنڌڪوٽ لڳ رسالدار مان ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل 4 سالا محمد عظيم ميڻڪ بازياب، پوليس پاران سنڌ بلوچستان جي بارڊر تي اغوا ڪارن جي موجودگي بابت ڄاڻ ملڻ شرط ڪاروائي، ايس ايڇ او RD 109, ايس ايڇ او رسالدار ۽ انچارج CIA اپيشل ٽيم ساڻ ڪري سنڌ بلوچستان جي بارڊر لڳ انٽيليجنس بيسڊ ڪاروائي ڪري معصوم محمد عظيم ميڻڪ کي با حفاظت بازياب ڪرايو ويو، محمد عظيم جي اغوا جو ڪيس ڪرائيم 2023/ 06 انڊر سيڪشن 363, 365A پوليس اسٽيشن رسالدار ۾ داخل ٿيل هو۔
