معصوم يتيم ڀائرن جو ڳوٺ جي وڏيري ۽ پوليس خلاف احتجاج

بدين(رپورٽ مرتضيٰ ميمڻ) ٻن معصوم يتيم ڀائرن وزير علي چانگ نظير علي چانگ جو پنهنجي ڳوٺ جي وڏيري ۽ بدين پوليس جي خلاف بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاج  هنن معصوم ٻارڙن زاروقطار روئند صحافين اڳيان دانهيو ته اسانجي ڳوٺ جو بااثر وڏيرو غلام رسول چانگ جيڪو اسانجي زمين ۽ گهرن جو گس زوري بند ڪري اسانجي گهرن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اسان   پنهنجي والده شهناز چانگ سان گڏ جي بدين ماڊل ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر جاچ آفيسر اي ايس آئي حنيف راڄو جوبدار ن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاء اسان کي ڌمڪائي رهيو آھي هنن ٻاڙن ٻڌايو ته اسان اي ايس آئي حنيف راڄو کي ڳوٺان فون ڪري ٻڌايو ته وڏيري جا ماڻھون هٿيار کڻي اسان جي گهر اڳيان هلن پياته هن اسان کي جواب ڏنو ته پوليس توهان جو ٺيڪو ناهي کنيو هنن ٻارڙن ٻڌايو ته اسان جي ڏيڊ ايڪڙ زمين آھي جيڪا اسان جي والد جي وفات کانپوء اسان پنهنجي والده سان گڏ محنت ڪري آباد ڪري پنه نجو گذر ڪندا آھيون پر وڏيرو غلام رسول چانگ پوليس جي ونگار سان  اسان جي زمين ۽ گهر تي قبضو ڪري اسان کي بي گهر ڪرڻ چاهي ٿو هنن چيو ته اسان غريب يتيم معصوم ٻار آهيون اسانجي ماء وٽ ايترا وسائل نه  آهن جو هن بااثر وڏيري سان مقابلو ڪري  سگهي اسان ايس ايس پي ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته هن بااثر وڏيري کان اسان کي تحفظ ڏياريو وڃي 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو