معصوم نينگر سان بدفعلي، انصاف لاءِ احتجاج

مورو (ن سنڌيار) هوٽل تي مزدوري ڪندڙ نينگر کي زبردستي اغوا ڪري تشدد بعد جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو. نينگر محمد وسيم پنهنجي امڙ سبحان خاتون ۽ ڏاڏيءَ بيگم چوھاڻ ۽ معصوم درويش ننڍڙي ڀاءُ  سان گڏ انصاف لاء احتجاج ڪندي ٻڌايو  ته مان ھوٽل تان مزدوري ڪري پنھنجي گھر اچي رھيو ھئس ته رستي ۾ ٻن ھٿيار بند ٻٽ ٻڌل موٽر سائيڪل سوارن زبردستي ھٿيار جي زور تي موٽر سائيڪل تي ويھاري اکيون ۽ ھٿ ٻڌيء کڻي ويا ۽  ھڪ ڪوٺي ۾ بند ڪري تشدد ڪري ۽ جنسي حوس جو نشانو بڻايو مون انھن مان ٽن ڄڻن کي سڃاتو جنھن ۾ عبداللطيف ولد امام دين چوھاڻ منٺار چوھاڻ ۽ منظور چوھاڻ ۽ ٽي نامعلوم ھئا. مان بيهوش هئس هو مونکي قومي شاهراهه تي جمالي هائوس لڳ اڇلائي فرار ٿي ويا. مون مورو ٿاڻي تي اين سي درج ڪرائي آهي پر پوليس ڪو قدم نٿي کڻي. جوابدار مون کي وري به اغوا ڪري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊي ايس پي مورو کي اپيل ڪئي ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو