مطالبا منظور ،وفاقي حڪومت ۽ پ پ جو ڳالهيون ڪامياب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪيترائي مطالبا منظور ڪري ورتا آهن.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪامياب ڳالهين جي نتيجي ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي قيادت هيٺ وفاقي حڪومت پنهنجي اتحادي پارٽي جا ڪيترائي مطالبا منظور ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي جا پنجاب ۾ ضلعي انتظاميه ۽ لا آفيسرن جي مقرري بابت مطالبا منظور ڪري ورتا. مختلف بورڊز ۽ اٿارٽيز ۾ نمائندگي جو مطالبو به مڃي ورتو آهي.ذريعن ٻڌايو ته بلدياتي چونڊون جلد منعقد ڪرڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي برابر ترقياتي فنڊز ڏيڻ جو به مطالبو مڃيو ويو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ ايڊيشنل سيڪريٽري پيپلز پارٽي جي مسئلن کي حل ڪندو. پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت وارن علائقن ۾ پيپلز پارٽي جي مشاورت سان ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿيندا. پيپلز پارٽي جي حمايت وارن علائقن ۾ ضلعي پوليس آفيسرن ۽ روينيو آفيسرن جي مقرري به مشاورت سان ڪئي ويندي.ذريعن ٻڌايو ته 12 ضلعن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ملتان، مظفر ڳڙهه، رحيم يار خان، راولپنڊي، راجن پور شامل آهن. لاڳاپيل ضلعن ۾ مشاورت سان آفيسرن جي مقرر ڪئي ويندي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي چيو آهي ته سنڌ جي بيورو ڪريسي جي مقرري ۾(ن) ليگ جي درخواست تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لا آفيسرن جي لاڳاپيل اسيمبلين ۾ انهن جي سيٽن جي حساب سان مقرريون ٿينديون.طئي ٿيل معاملن تي عمل ڪرڻ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ٻنهي پارٽين ۾ مانيٽرنگ ڪميٽيون ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل ڪميٽين جو اجلاس هر 15 ڏينهن کان پوءِ ٿيندو.پيپلز پارٽي جي ڳالهين واري ٽيم پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڳالهين کان آگاهي ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو