کوکر ۽ خواجا پاران شڪست تسليم، مخالفن کي مبارڪون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 47 ۽ 48 تان آزاد اميدوار مصطفيٰ نواز کوکر پنهنجي شڪست قبول ڪري ورتي.مصطفيٰ نواز کوکر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي بيان جاري ڪندي چيو ته اهو چوڻ ۾ شرم جي ڳالهه ناهي ته مان پنهنجي شڪست جو اعتراف کليل دل سان تسليم ڪريان ٿو ۽ ڪامياب ٿيندڙ مخالف اميدوارن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته افسوس جوڳو آهي ته اسلام آباد جي تڪ 48 تان پي ٽي آءِ اميدوار علي بخاري کي شڪست ڏني وئي جڏهن ته هو واضح طور تي کٽي رهيو آهي، اها بدترين ڌانڌلي ۽ باهه سان کيڏڻ برابر آهي. هن چيو ته اين اي 48 تان جيڪي ماڻهو بدلي ۽ کٽي ويا اهي ڪنهن به مقابلي ۾ ناهن. هنن جو چوڻ آهي ته شعيب شاهين به تڪ 47 تان واضح مارجن سان ڪامياب ٿيو آهي پر نتيجا شعيب شاهين جي حوالي نه ڪيا پيا وڃن. ٻئي پاسي لاهور مان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق شڪست تسليم ڪندي سردار لطيف کوسه کي مبارڪ ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو