مشهور قوال غلام فريد صابري کي وڇڙي 32 سال گذري ويا

مشهور قوال غلام فريد صابري کي وڇڙي 32 سال گذري ويا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) مشهور قوال غلام فريد صابري کي پنهنجن مداحن کان وڇڙي 32 سال گذري ويا آهن، پر هن جيڪي قواليون ڳايون اهي اڄ به مشهور آهن.غلام فريد صابري، جنهن کي تاجدارِ حرم ۽ ان جهڙين ٻين ڪيترين ئي مشهور قوالين لاءِ ماڻهن کان ساراهيو ويو، نه رڳو پاڪستان ۾ پر سڄي دنيا ۾ قوالي جي شوقينن جي دل جي ڌڙڪن هو.غلام فريد صابري 1930 ۾ هندستان جي اوڀر پنجاب رياست ۾ پيدا ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي قوالين جو شوق هو. غلام فريد صابري پنهنجي ڀاءُ مقبول صابري سان گڏ قوالي ڳائيندو هو.70 ۽ 80 جو ڏهاڪو غلام فريد صابري جي عروج جو سونهري دور هو. ان دوران، هن بهار دو جهولي ميري يا محمد ﷺ جهڙيون قواليون ڳائي سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو ثبوت ڏنو.سندس ڪيتريون ئي قواليون فلمن ۾ پڻ استعمال ڪيون ويون، جن ۾ محبت ڪاروان ۽ آفتاب رسالت شامل آهن، جيڪي تمام گهڻيون مشهور هيون. اردو کان علاوه، هن پنجابي، سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ به قواليون پيش ڪيون.غلام فريد صابري اپريل 1994ع ۾ ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، پر اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌندڙن کي موهي ڇڏيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو