مسلم ليگ ڌرڻي جي معاملي تي ورهائجي وئي آهي، قريشي

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي وفا قي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) مولانا جي آزادي  مارچ تي واضح طور تي ورھايل آھي،شھباز شريف سميت پارٽي جي اڪثريت  ڌرڻي ۾ شرڪتي نٿي چاھي ۽ انھن جو موقف آھي ته ڌرڻو غلط آھي.ھن اھڙو اظھار ملتان ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو آھي.ھن چيو ته منھنجي معلومات مطابق شھباز شريف پارٽي اجلاس ۾ ٻه ڪلاڪ بحث ڪيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪرڻ گھرجي،ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ مولانا جي ڌرڻي بابت مختلف سوچ رکي ٿي.ھن چيو ته  اسان جو ڌرڻو بامقصد ھو جڏھن سپريم ڳالھ ٻڌي  ته اسان ڌرڻو ختم ڪيو.ھن چيو ته اسان جي ڌرڻي وقت پ پ الزام ھنيو ھو ته اسان ڪنھن جي اشاري تي ڌرڻو پيا ھڻون اڄ مان بلال کانم پڇان ٿو ته ھو ڪنھن جي اشاري تي ڌرڻن جي ڳالھھ پيو ڪري؟ هن چيو ته ميڊيا سميت سڀ چون ٿا ته مولانا جي ڌرڻي جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو