ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 800 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان جي قيمت 2 لک 24 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون 685 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 92 هزار 473 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجي 1960 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
