مستونگ ۾ 9 شدت پسند سيڪورٽي فورسز سان مقابلي ۾ مارجي ويا

ڪوئٽا(م ڊ) سيڪورٽي فورسز مستونگ جي علائقي ۾ مختلف فورسز جي گڏيل ڪاروائي ۾ مقابلي بعد 9 شدت پسندن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اهڙي خبر ذريعن جي حوالي سان ملڪ جي مشهور اخبار ڊان شايع ڪئي آهي. سرڪاري طور تي ڪنهن به فورس جي ترجمان يا آفيسر نالي بنا خبر جاري ڪئي آهي. اها ڪاروائي مستونگ جي علائقي قبو مهراڻ م ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته دوبدو مقابلي م سيڪورٽي فورسز جا چار اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن. خبر موجب سيڪورٽي فورسز مارجي ويل شدت پسندن وٽان وڏي مقدار هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. عام طور تي اهرن ڪيسن ۾ سيڪورٽي فورسز ميڊيا ڪوريج جو خصوصي انتظام ڪنديون آهن پر هن معاملي ۾ محتاط آهن. مستونگ جو علائقو ڪافي حساس سمجهو ويندو آهي. ياد رهي ته هي خبرڪوئٽا ۾ سيٽ لائٽ جي علائقي ۾ بيٺل پوليس موبائل تي ٿيل حملي جي ٻن ڏينهن بعد سامهون آئي آهي، جنهن ۾ پنج پوليس وارا مارجي ويا هئا ۽ ان جي ذميوراي ڪالعدم تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي. ڊان اخبار موجب مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم ۽ سڃاڻپ لاءِ ڪوئٽا منتقل ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو