ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مستونگ ۾ لڪ پاس ريڊار جون خدمتون عارضي طور تي معطل ڪيون ويون آهن. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاران جاري ڪيل نوٽم موجب، لڪ پاس ريڊار جون آپريشنل خدمتون 13 جولاءِ کان 8 آگسٽ 2026ع تائين معطل ڪيون ويون آهن.نوٽم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان دوران ريڊار جي 250 ناٽيڪل ميلن جي حد ۾ نگرانيءَ جي سهولت دستياب نه هوندي. نوٽم موجب، متبادل نگراني نظام جي ذريعي لاهور ۽ ڪراچي ڪنٽرول سينٽرن تان فضائي ٽريفڪ جون خدمتون معمول مطابق جاري رهنديون. نوٽم ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته معطلي جي مدت دوران جڏهن به ضرورت پئي ته متاثر ٿيل فضائي حدود ۾ ‘نان ريڊار’ طريقيڪار تحت فضائي ٽريفڪ ڪنٽرول جون خدمتون فراهم ڪيون وينديون، ته جيئن اڏامن (پروازون) جي آپريشن کي معمول مطابق برقرار رکي سگهجي.










