مسافر بس موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي، هڪ فوت، 25 زخمي

ماتلي (عبدالرزاق پنهور) ھاشم لغاري اسٽاپ وٽ شيخ ڀرڪيو کان ايندڙ مسافر بس سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موٽرسائيڪل سوار نوجوان پورهيت فرمان پٽ انور رند ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن مان 6 ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي.

زخمي ٿيندڙن ۾ فوتي انور رند جي ڀاڄائي مسمات ڪزبانو سندس ٻه نينگر شهباز ۽ صدام کان علاوهه مولابخش لغاري، ڪارو چانڊيو، مسمات حرمت،شمشاد، ننڍڙي سنيتا، اقرا ابراھيم،  لکاڏنو، راجو روپو، سورج فاطما، جميلا ياسمين، عليزا، شير محمد، شنڪر ارن، زليخان، جواد حسين، صاحبه سميت  ٻيا زخمين ۾ شامل آهن جن کي فوري طور پرائيويٽ  گاڏين، پوليس موبائل ۽ پي پي ايڇ آءِ جي گاڏين ۾ بي ايڇ يو گلاب لغاري ۾ آڻي فرسٽ ايڊ ڏني وئي ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ٽي ايمبولنسون گھرائي شديد زخمي ٿيل ڇهن ڄڻن کي ٽنڊو غلام علي ۽ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. 15 زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏئي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو جڏهن ته 4 زخمي اڃا اسپتال ۾ زير علاج آهن.

فوتي جي  لاش کي پوليس ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. حادثي جو شڪار ٿيل بس جو ڊرائيور فرار ٿي ويو. جڏهن ته بس ۽ موٽرسائيڪل کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو