مسئلا حل نه ٿيا ته وري گينگيسٽر جي باهه ٻرندي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي تعصباڻين پاليسين سبب شهري علائقن ۾ باهه ٻري رهي آهي، پاڪستان جي بقا خاطر ايم ڪيو ايم پاڪستان جو آواز ٻڌو وڃي، هاڻي فيصلو ٿي ويو ته جدوجهد ڪري مرنداسين،ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران مصطفيٰ ڪمال چيو ته گهر ۾ ويهي ۽ گٽرن جو پاڻي پي مرڻ کان بهتر آهي ته رستن تي وڙهندي مري وڃون،هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران اسان جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي، 12 فيبروري تي عظيم اجتماع ۽ ڌرڻو هڻي پنهنجو آواز ٻڌائينداسين،ڪراچي ۾ ڪير 8 بسون هلائي شهر کي فتح نه ٿو ڪري سگهي، ڪراچي واسين کي پاڻي نٿو ملي، نوڪريون نٿيون ملن، اسان جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو