مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو پيءُ قتل پٽ زخمي

ٽنڊو مستي(نادر علي اڄڻ) اڪنامڪ  زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ لانگاھي مري ۾ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار  سبب فائرنگ گهرن کي باهيون فائرنگ  جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 60 سالا محبت مري پٽ الله ڏنو خان مري قتل ۽ سندس معصوم  پٽ11 ساله راشد حسين  زخمي  ٿي پيو. واقعي واري  هنڌ  ايس ايڇ او اڪنامڪ زون غلام عباس ڪلهوڙو پهچي لاش۽  زخمي کي کڻائي پوليس موبائيل ذريعي سول اسپتال خيرپور لاءِ روانو ڪيو .لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪندڙ قربان مري شفيع محمد مري هيبت مري هوت مري مهناز شمل مري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بدنام ڏوهاري بيگو مري پنهنجي ساٿين برڪت مري شاهه بيگ مري صدورو مري ۽ 10ٻين هٿياربندن سان گڏجي اسان جي ڳوٺ تي حملو ڪري اسان جي همراھ کي قتل ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو