مريم نواز نائب صدر جو عهدو رکي سگهي ٿي،اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( اياز مهر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته مريم نواز مسلم ليگ جي نائب صدر جو عهدو رکي سگهي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) رضا محمد خان جي سربراهي ۾ ٽ ميمبرن تي مشتمل بينچ سومر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. حڪمران جماعت تحريڪ انصاف جي اڪثر عورت ايم اين ايز سندس خلاف درخواست ڏني هئي ته هوءَ نيب عدالت پاران 6 جولاءِ 2018 واري فيصلي موجب سزا يافته آهي ۽ ڪو به عوامي ۽ پارٽي عهدو نٿي رکي سگهي. ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته مريم نواز قائم مقام صدر نٿي ٿي سگهي ۽ ٻيو ڪو به فعال عهدو نٿي رکي سگهي پر نائب صدر جو عهدو رکي سگهي ٿي. فيصلي تي سندس مخالفن ۾ مايوسي ڦهلجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو