اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ مريم نواز جي طرفان ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباسي عدالت ۾ چيو ته مون پهريون ڀيرو ٻڌايو ته نيلسن ۽ نيسڪول ڪمپنيون ڪڏهن ٺهيون، پوءِ جڏهن هنن ملڪيتون خريد ڪيون ته هنن انڪار ڪيو ته هنن وٽ اهي ملڪيتون 1993ع کان آهن. جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪمپنيون ان دور ۾ ملڪيتون خريد ڪيون هونديون، پر هو چوي ٿو ته اهي 2006 ۾ قطري خاندان سان معاهدو ٿيڻ بعد آيون.درخواستن خلاف اپيل داخل ڪئي وئي جسٽس محسن اختر رمارڪس ڏنا ته انهن سمورن جوابدارن کي هن ڪيس ۾ ڪجهه نه چوڻ گهرجي ها، توهان کي اهو ڪيس ثابت ڪرڻو هو. جسٽس عامر فاروق چيو ته ٿي سگهي ٿو اوهان جو ڪيس صحيح هجي پر اوهان ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون، رڳو عوامي ڄاڻ يا ٻڌڻ تي فيصلو نه ٿا ڪري سگهون، مريم نواز سرڪاري آفيس هولڊر نه هئي ان ڪري مٿس اثاثن جو ڪيس ناهي ٺاهيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مختصر فيصلو ٻڌايو ۽ مريم نواز جي 7 سال قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو.










