مرتضيٰ ڀٽو ڪيس،جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي ملتوي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار پنھنجي وڪيلن جي ٽيم سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو،ڪيس ۾ نامزد واجد دراني، غلام شبير، ظفر اقبال، ذاڪر محمود ۽ ٻيا جوابدار پيش نه ٿيا، شعيب سڊل، فيصل حبيب، عبدالباسط، اصغر علي، گلزار علي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش،عدالت وڪيل کان پڇيو ته جوابدار شاھد حيات ڪٿي آھي؟، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻو ڪراچي پوليس چيف شاھد حيات فوت ٿي چڪو آھي، عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا پيپر ورڪ مڪمل ٿي چڪو آھي؟، سرڪاري وڪيل مهلت طلب ڪندي استدعا ڪئي ته شھيد ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس سپريم ۾ ھلندڙ آھي، ان ڪري وقت ڏنو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چئن ھفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، گذريل ٻڌڻي تي عدالت اڳوڻي آءِ جي سنڌ شعيب سڊل، ذوالفقار احمد، ظفراقبال ۽ ٻين کي طلب ڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو