مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر هوندو: بلاول

مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر هوندو: بلاول

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ميئر نامزد ٿيڻ تي واڌايون ڏنيون آهن بلاول پيپلزپارٽي جي سمورن اميدوارن کي چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون ڪاميٽين جي اميدوارن کي مبارڪون ڏنيون بلاول چيو ته عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هاڻي اچو ته ايندڙ دور ۾ ڪاميابي حاصل ڪريون ۽ عوام جي خدمت ڪندي پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سان اڳتي وڌون بلاول چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عوام جي خاص مهرباني جو پهريون ڀيرو اسان تي اعتماد ڪيو پ پ چيئرمين چيو ته مون کي پڪ آهي ته حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عوام جي خدمت کي يقيني بڻائيندا

پهنجو تبصرو موڪليو