مرتضيٰ جتوئي جي گهر پوليس جو ڇاپو، ڀڃ ڊاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊفينس جي علائقي ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهر تي رات دير سان پوليس ڇاپو هنيو. غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرواري الزام مڙهيو آهي ته رات جو 3 وڳي مرد پوليس اهلڪار گهر جا دروازا ٽوڙي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چار ديواري جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته پوليس گهرن جو سامان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو، عورتن ۽ ٻارن سان بدتميزي ڪئي. جي ڊي اي اڳواڻ جي زال الزام هڻندي چيو ته پ پ ۾ شامل نه ٿيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي حراسان ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته ان کان اڳ جي ڊي اي الزام هنيو هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جي حڪم تي پوليس نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گهرن تي ڇاپا هنيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو