مراد واهه جي متاثرين جو ڌرڻو، راڳ ڳائي احتجاج

ماتلي (عبدالرزاق پنهور) ماتلي ويجهو گلاب لغاري ۾ مراد ڊسٽريبيوٽري جي سوين  آبادگارن جو يارنھن مھينن کان پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف شاخ جي سيڊا آفيس اڳيان موسيٰ لغاري صديق لغاري ۽ جمن لغاري جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو آهي جنهن بعد مظاھرين پاران بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي آهي انھي موقعي تي مظاھرين  جو چوڻ ھو ته درياءَ ۽ واھن ۾ پاڻي ھجڻ باوجود مراد واهه  جي پوڇڙي  ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو آهي ھنن الزام ھڻندي چيو ته ايريگيشن  جي راشي عملي پوڇڙي جي حصي جو پاڻي منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي انھي موقعي تي گلاب لغاري جي صوفي راڳين آچر ڪمار ۽ ٻين پاڻي جي کوٽ خلاف راڳ ڳائي احتجاج پڻ ڪيو ھنن سنڌ جي اعليٰ اختيارين کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو  ته فوري طور تي رينجرس مقرر ڪري مراد ڊسٽري  جي پوڇڙي ۾ پاڻي ڏيئي آبادگارن ۽ ھارين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو