مراد علي شاهه وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کان حلف ورتو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حلف برداري تقريب ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري خصوصي طور شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي حلف برداري تقريب جي ميزباني چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ چيف سيڪريٽري اعلان ڪيو ته صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سيد مراد علي شاهه کي 26 فيبروري تي سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو آهي. سنڌ جي نئين چونڊيل 38هين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان گورنر سنڌ حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پڻ اسٽيج تي موجود هو. حلف برداري واري تقريب ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي اويس قادر شاهه، ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد، اڳوڻا وزير ۽ پيپلز پارٽي جا ايم پي ايز ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، امتياز شيخ، سعيد غني، سردار شاهه، ڄام خان شورو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، آءِ جي پوليس، پاڪستان نيوي ۽ ايئر فورس جي سينيئر آفيسرن، اڳوڻي چيف سيڪريٽرين ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نئين چونڊيل وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي عهديدارن ۽ حلقن خاص طور تي شرڪت ڪئي. وڏي وزير پنهنجي حلقي واسين سان مليو ۽ ساڻن سيلفيون پڻ ورتيون.

پهنجو تبصرو موڪليو