مراد شاهه وڏو وزير،اويس شاهه اسپيڪر، اينٿوني ڊپٽي اسپيڪر نامزد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مراد شاهه وڏو وزير،اويس شاهه اسپيڪر، اينٿوني ڊپٽي اسپيڪر جا اميدوار هوندا،پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام جي اسان مان توقع وڌي وئي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مراد علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي پاران اويس شاهه کي اسپيڪر ۽ نويد انٿوني کي ڊپٽي اسپيڪر نامزد ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جون نظرون رڳو عوام تي آهن، اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ عوام جو شڪر گذار آهيان ته کين ٻيهر چونڊون ڪرايون.هن چيو ته سنڌ جي عوام جون اميدون اسان مان وڌي ويون آهن ۽ اسان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻيون پارٽيون سمجهن ٿيون ته اليڪشن آسان آهي پر اليڪشن ڏاڍي ڏکي آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪارڪردگي ۾ وفاق ۽ ٻين صوبائي حڪومتن سان مقابلو ڪندي، اوهان جو ڪردار اهڙو هجڻ گهرجي جنهن تي مون کي فخر هجي، ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ اوهان کي تمام گهڻو سخت ٿيڻو پوندو.هن چيو ته پيپلزپارٽي کي اپوزيشن ميمبرن کي مشغول رکڻ گهرجي ۽ اپوزيشن جا جائز مطالبا ٻڌڻ گهرجن، صوبي جي سياسي اسٽيڪ هولڊرز سان ورڪنگ رليشن هجڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو