مدو پورو ٿيڻ کان اڳ نمائندن کي غيرقانوني سرگرميون نظر اچڻ لڳيون

ملير( رپورٽ درياخان شر) مڪاني نظام کي چار سال کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي ۽ نظام جي خاتمي جو وقت پوري ٿيڻ ۾ ويجهڙائي ايندي ئي يونين ڪائونسلن ۾ بدانتظامي ۽ افرا تفري پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل گهگهر، چنڊپاڙو۽ چشمه ڳوٺ سميت مختلف چيئرمينن عبدالرزاق سالار، عبدالستار جوکيو، فريد بلوچ ۽ ٻين طرفان پنهنجن علائقن ۾ امن امان، زمين تي قبضن ۽ منشيات فروشي جي انڪشافن تي ٻڌل خط اعليٰ اختيارن کي روانا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. هنن انڪشاف ڪيو آهي ته يونين ڪائونسل گهگهر ۾ فلاحي پلاٽن۽ پارڪن، راند جي ميدانن، ڪميونٽي سينٽرن، اسڪولن ڪاليجن، واٽر سپلائي اسڪيمن، بس اسٽاپن سميت قومي شاهراه تي خالي پيل سرڪاري زمينن تي بااثر زوري قبضا ڪري زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن.. ٻئي طرف يونين ڪائونسل چنڊپاڙو جي چيئرمين عبدالستار خليفو ۽ ڪائونسلرن اعليٰ اختيارن کي خط لکي ۽ روبرو شڪايتون ڪيون آهن ته فلٽر پلانٽ آچار جوکيو ڳوٺ پويان 100 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کي آباد ڪيو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته عثمان ڳوٺ سامهون پڻ 15 ايڪڙ تي پٺاڻ آبادي کي وهاريو ويو آهي. ان کان علاوه چنڊپاڙو جي حد ۾ کلي عام منشيات جو ڪاروبار هلي رهيو آهي پر پوليس منشيات فروشن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪري. يونين ڪائونسل چشمه ڳوٺ جي چيئرمين غلام فريد بلوچ ايس ايس پي ملير کي خط لکي علائقي ۾ قبضن منشيات ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کان واقف ڪندي چيو آهي ته چشمه ڳوٺ لال آباد روڊ مولامدد قبرستان ويجهو اولياءَ جي مزار لڳ ڦرون روز جو مامور بڻجي ويو آهن. ميمڻ ڳوٺ يونين ڪائونسل سميت ڪيترن ئي يونين ڪائونسلن ۾ ٻن لکن مان وڌائي پنج لک رپيا فنڊ ڪرڻ باوجود علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ ۽ ڪائونسلرن کي ڪابه اهميت نه ڏيڻ تي يونين ڪائونسلن اندر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن ڪائونسلرن اجلاسن جو بائيڪاٽ ڪندي شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسل مراد ميمڻ ڳوٺ جي ليڊي ڪائونسلر شڪيلا لکت ۾ يونين ڪونسل انتظاميه کي شڪايت ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو