مدرسن جي قومي ڌارا ۾ اچڻ سان شاگردن کي بهتر موقعا ملندا

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته مدرسن کي قومي تعليمي نظام ۾ آڻڻ سان شاگردن کي بهترين ڪيريئر جا موقعا ملندا. اهڙو اظهار هن تنظيمات المدارس جي 5 مسلڪ جي مدرسن ۾ انٽر جي امتحان ۾ پوزيشن هاصل ڪندڙ ساگردن سان ملاقات دوران ڪيو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته آرمي چيف ان موقعي تي پوزيشن حاصل ڪندڙ 4 ڇوڪرين سميت 13 شاگردن ۾ انعام به ورهايا. هن وڌيڪ چيو ته مدرسن جا شاگرد مفيد شهري جي حيثيت ۾ معاشري جو حصو آهن. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي حاصل ڪندڙ ملڪ لاءِ خدمتون جاري رکو. ان موقعي تي هن مختلف مدرسن جي استادن ۽ شاگردن جي والدين به شريڪ هئا، جن جي خدمت ۽ جذبي کي به هن ساراهيو. ياد رهي ته موجوده حڪومت مدرسن جي رجسٽريشن ڪرڻ ۽ کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ديني تعليم سان گڏ سائنسي ۽ انگريزي تعليم ڏيڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن تي اپوزيشن جي ڪجهه مذهبي ڌرين اعتراض واريو هو. آرمي چيف پاران مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جا واقعا تمام گهٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو