مدرسن جي شاگردن کي ڪاروبار ۽ معيشت جي ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سليم الله جو چوڻ آهي ته مدرسن جي شاگردن کي ڪاروبار ۽ معيشت جي ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ نيشنل اسلامڪ اڪنامڪ فورم جي تحت منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سليم الله پڻ چيو ته اسلامي معيشت ۾ ترقي لاءِ بزنس انٽيليجنس اهم آهي.ان موقعي تي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته هائوسنگ سوسائٽيون ٺهي رهيون آهن، زراعت لاءِ ڪا به زمين نه بچندي.هن اهو به چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي آهي، زرعي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ ناپسنديده عمل آهي.مولانا بشير فاروقي چيو ته سياستدانن کي خرچ گهٽ ڪرڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو