’مختلف عدالتن ۾ 4230 ارب روپين جا ڪيس لٽڪيل آهن‘

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) هن وقت مختلف عدالتن ۾ هڪ لک پنجيتاليهه هزار کان مٿي ٽيسڪ ڪيس مختلف عدالتن التوا ۾ پيل آهن، جنهن سبب حڪومت جا 4 هزار 230 ارب روپيا فاٿل آهن. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اختيارين ٻڌايو ته هن وقت 740 ارب رپين جا 19 هزار 528 ڪيس ملڪ جي چئن هاءِ ڪورٽن ۾ التوا ۾ آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 1400 ارب روپين جي ماليت جا 3 هزار 455 ڪيس التوا ۾ پيل آهن. انلينڊ روينيو اپيل ڪمشنرن جي آفيسن ۾ 1150 ارب روپين جي ماليت جا ڪيس التوا ۾ آهن ۽ هڪومت قانون سازي ذريعي اپيلٽ ڪمشنر جا عهدا ختم ڪرڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو