مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل، موٽر وي بند

مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل، موٽر وي بند

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب نظر متاثر ٿيڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا،موٽر وي اختيارين موجب، لاهور کان هرن مينار تائين ايم 2 موٽر وي، فيض پور کان جڙانوالا تائين ايم 3، ۽ خانيوال کان ملتان تائين ايم 4 بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 تي گاڏين جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي.لاهور، مانگا منڊي، ڦول نگر ۽ پتوڪي ۾ قومي شاهراهن تي سخت ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي وهڪري ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، موٽر وي پوليس جي ترجمان ڊرائيورن کي فوگ لائيٽون استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو