مختلف شاخن جي آبادگارن جوپاڻي کوٽ خلاف سخت احتجاج

مختلف شاخن جي آبادگارن جوپاڻي کوٽ خلاف سخت احتجاج

جوھي(ن سنڌيار)جوهي برانچ سميت مختلف شاخن جي آبادگارن سول سوسائيٽي پاران زرعي پاڻي کوٽ خلاف سخت احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو , جوھي برانچ جي مختلف شاخن پٽوڙو, چنجاڻي, ڇني شاخ سميت مختلف شاخن جي آبادگارن سول سوسائيٽي جي اڳواڻن مير محمد لغاري , گلشير رند, ميھر گاڏھي, صفر لنڊ , خليل عارف سومرو , ڪامريڊ ايوب لغاري سميت ٻين شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري جوھي دادو روڊ تي ڌرڻو ھڻندي صحافين آڏو داھيندي چيو ته جوھي برانڇ جي مختلف شاخن ۾ زرعي پاڻي بجاء واري اڏامي رھي آھي , ھنن وڌيڪ داھيندي چيو ته پاڻي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر ٿي ويون آھن , ھنن وڌيڪ دانھيندي چيو ته زرعي پاڻي کوٽ سميت پيئڻ جي پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آھي جنھن سبب انساني جانين سميت پکي پکڻ اڃ وگھي مري رھيا آھن , آخر ۾ ھنن وزير آعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سميت آعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته جوھي برانڇ جي مڙني شاخن مان زرعي پاڻي کوٽ ختم ڪري معاشي بحرانن کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو