محمد بخش، بنگل، احمد علي ۽ حاجي خان جا فارم بحال

سکر (بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل سکر اين اي 205 تي پي پي ۽ جي ڊي اي سوڌو چئن اُميدوارن جا نامزدگي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل ۾ اين اي 205 گهوٽڪي تي آزاد اُميدوار محمد بخش مهر جو نامزدگي فارم بحال ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ فارم بحالي لاءِ آر او جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي. ٽربيونل ۾ جي ڊي اي اُميدوار احمد علي خان مهر ۽ بنگل مهر جا نامزدگي فارم رد ڪرڻ ۽ آر او جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ به درخواستون داخل ڪرايون ويون. اُن کانسواءِ آزاد اُميدوار حاجي خان مهر جو رٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي فارم رد ڪرڻ خلاف به ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. اليڪشن ٽربيونل ٽنهي درخواستن تي ٻڌڻين کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلا جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ٽربيونل سکر رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ آزاد اُميدوار حاجي خان مهر جو نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيو. اُن کانسواءِ پ پ اُميدوار محمد بخش مهر، احمد علي خان ۽ آزاد اميدوار بنگل مهر جا نامزدگي فارم بحال ڪرڻ جي حوالي سان آر او جي فيصلي کي برقرار رکيو ويو. اهڙي ريت ڄاڻايل ٽنهي اُميدوارن جا به نامزدگي فارم بحال رکيا ويا. باري خان پتافي جو فارم ساڳئي ٽريبونل ڪالهه ئي بحال ڪري ڇڏيو هو. اصل مقابلو محمد بخش خان مهر ۽ سندس ڀاڻيجي احمد علي خان ۾ آهي. علي گوهر خان جي پٽ ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر جي فارم بحال ٿيڻ بعد علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڪٿي علي گوهر خان پنهنجي ڀائٽي جي جاءِ تي پٽ کي ته نه اڳتي ڪندو؟

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو