نواز شريف، ترين، گيلاني ۽ ٻين کي اپيلن جو حق ملي ويو

نواز شريف، ترين، گيلاني ۽ ٻين کي اپيلن جو حق ملي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف کي سزا خلاف اپيل ڪرڻ جو حق ملي ويو جڏهن محسن داوڙ جي قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ جي عملي ۽ طريقيڪار بل ۾ ترميم شامل ڪئي وئي.اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، يوسف رضاگيلاني، جهانگير ترين ۽ ٻيا پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي فيصلن جا متاثر ڌر به 30 ڏينهن اندر هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل جي حق مان فائدو وٺي سگهندا.ياد رهي ته محسن داوڙ پاران تجويز ڪيل ترميم کي اڄ قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ جي عملي ۽ طريقيڪار بل ۾ شامل ڪيو ويو هو.محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسله ٽاور به پاڻمرادو نوٽيس سبب ڊاهيو ويو، ماضي ۾ 184/3 (خودڪار نوٽيس) جي متاثرن کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق ڏنو وڃي.ان موقعي تي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته هي ون ٽائم قانون سازي آهي، ان سان ڪو به پنڊورا باڪس نه کليل هوندو.محسن داوڙ چيو ته پراڻا جذبا آهن، هو ان ترميم تي ڇو هڙپ ڪري رهيا آهن؟هوڏانهن پيپلز پارٽي محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت ۾ ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن کي تحفظات هجن پر اسان محسن داوڙ جي ترميم جي مخالفت واپس وٺنداسين.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ مشاورت ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي.قومي اسيمبلي به اتفاق راءِ سان سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو