محرام الحرام سيڪيورٽي روٽڻ تي بيٺل گاڏيون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي ۾ محرم الحرام دوران جلوس جي رستن تي بيٺل گاڏيون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڪراچي ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي انتظامن ۽ جلوسن جي رستن بابت اهم اجلاس ٿيو.ڪراچي ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي صدارت هيٺ ڊي آءِ جي ٽريفڪ آفيس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي ۽ ٻين معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.ڊي آءِ جي ٽريفڪ هدايت ڪئي ته جلوس جي رستن جي چوڌاري بيٺل گاڏيون فوري طور هٽايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو