ماڪڙ ڀڄائڻ لاءِ ڪيل دونهين مان سارين جو ديرو سڙي ويو

ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) ڳوٺ ٻوڦو ۾ هاري اظهر علي ککراڻي زمين مان ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاءِ پلال کي باهه ڏئي دونهون ڪيو ته اوچتو ئي باهه سندس جي زمين ۾ پيل سارين جي ديري کي وڪوڙي وئي ، اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته باهه 8 جريبن جي سارين جي ديري کي مڪمل طور ساڙي رک ڪري ڇڏيو ، هوڏانهن هاري دانهيندي چيو ته منهنجي زمين ۾ پوکيل ڪڻڪ جي فصل ۾ ماڪڙ تباهي مچائي ڇڏي آهي ، ڪڻڪ جي فصل کي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ، ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاءِ پلال کي باهه ڏئي دونهون ڪري ماڪڙ کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي ته سارين جي ديري کي  باهه وڪوڙي وئي ، باسمتي سارين جي ديري کي باهه لڳڻ سبب 3 لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي اعلي اختياريون منهنجي مدد ڪن غريب هاري آهيان ، ٻچن جو روزگار هو جيڪو به باهه ۾ سڙي  رک ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو