ماڊل ڪورٽ پاران جهيڙي جي ٻن جوابدارن تي 5 لک 80 هزار ڏنڊ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن مٿان 5 لک 80 هزار رپين جو ڏنڊ، عدالتي احاطي مان گرفتار ، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ جيل ڀوڳيندا. سول اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ حيدر علي ڀيو جي عدالت جهيڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هر هڪ جوابدار محمد اسلم ۽ عبدالسلام وڳڻ کي 2 لک 90 هزار مجموعي طور 5 لک 80 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار جيل ڀوڳيندا. واضح رهي ته درياخان ٿاڻي تي فريادي جان محمد وڳڻ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته مان پنهنجي پٽ پياس علي سان گڏ ڳوٺ فيض محمد وڃي رهيو هيس ته رستي تي جوابدارن محمد اسلم ۽ عبدالسلام رستو روڪي منهنجي پٽ پياس علي تي ڪهاڙين جا سڌا وار ڪيا جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ جوابدار فرار ٿي ويا. اڄ ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيل اختر علي ڀريجو عدالت ۾ پنهنجا دليل ڏنا ۽ عدالت ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي اهڙي سزا ڏني وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو