ماها شاهه قتل ڪيس، جوابدران تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت ڊاڪٽر ماها شاهه ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پنهنجو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊاڪٽر ماها مبينا خودڪشي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس عدالت کي آگاهي ڏني ته فريادي جي درخواست تي ڪيس ۾ جوابدارن طرفان شاهديون لڪائڻ، قتل جا ڪارڻ ۽ ٻيا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪارڪرڻ تي عدالت ڪيس جي شاهدن کي 4 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو ۽ جاچ آفيسر کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ياد رهي ته گذريل سال 19 آگسٽ تي ماها شاهه گهر ۾ خودڪشي ڪئي هئي بعد ۾ سندس دوست جنيد ۽ وقاص کي پوليس گرفتار ڪيو هو جيڪي سندس موت جو ڪارڻ بڻيا ۽ کيس پستول به فراهم ڪيو هو. هنن تي منشيات جو عادي هجڻ جو به الزام لڳو هو. ماهاشاهه گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ هئي سندس قبر ڪشائي به ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو