مان امپورٽڊ نه مقامي هئس، ڪهڙي دشمني هئي جو هٿڪڙيون لڳايون

ننڪانه صاحب: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف چيو آهي ته مان ڪو امپورٽڊ وزيراعظم نه هئس مون سان ڪهڙي دشمني هئي جو مون کي هٿڪڙيون لڳايون ويون.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف ننڪانه صاحب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ته ننڪانه صاحب عجيب منظر پيش ڪري رهيو آهي. مان پڇان ٿو ته ڇا اوهان اهڙو منظر پهريان ڏٺو هو؟ جيڪڏهن ڏٺو هو ته ٻڌايو، نه ڏٺو ته زور سان چئو ڪڏهن نه ڏٺو، اڄ اتفاق سان سيءَ تمام گهڻو آهي. مان اوهان جي جذبي جي داد ڏيان ٿو.نوازشريف وڌيڪ چيو ته اڄ مان پهريون ڀيرو لاهور مان ننڪانه صاحب موٽر وي تي آيو آهيان، اهو موٽر وي اسان 2017 ۾ تيار ڪيو هو اهو موٽر وي ملتان ۽ پوءِ اڳيان سکر وڃي رهيو هو. اسان جي دور ۾ موٽر وي ملتان کان سکر ۽ ڪراچي پهچي چڪو هجي ها، ترقي جي دشمنن اهو موقعو نه ڏنو. هن چيو ته نوازشريف جي همت نه ٽٽي. اڄ به جوان آهي، مون کي ٻڌايو ته اوهان جي نوازشريف سان ڪهڙي دشمني هئي؟ ڇا اوهان جي دشمني اها هئي ته نوازشريف لوڊشيڊنگ ختم ڪئي؟ 18-18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪنهن ختم ڪئي؟ نوازشريف وڌيڪ چيو ته انهي زماني ۾ بجلي سستي هئي. ڪراچي جو امن ڪنهن بحال ڪيو؟ ماني 4 روپيه ڪنهن جي دور ۾ هئي؟ کنڊ 50 روپيه ڪلو ڪنهن جي زماني ۾ هئي؟ نوجوانن کي روزگار ڪنهن جي دور ۾ ملي رهيو هو. پشاور، مانسهره، ڪراچي جا موٽر وي ڪنهن ٺهرايا؟ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته نتيجو اهو نڪتو ته نوازشريف جي هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳايون ويون جيل ۾ وڌو ويو. جيڪو ملڪ کي ايٽمي طاقت بنائيندو آهي ڇا انهي جي هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳايون وينديون آهن؟ هن چيو ته مون کي ٻڌايو ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڪيئن ٿيو؟ پاڪستان جي ماڻهن کي تڪليف ۾ ڇو وڌو ويو؟ اوهان کي ڏسي جيتري تڪليف مون کي ٿيندي آهي ان کي بيان نٿو ڪري سگهان. منهنجي دل کي سڪون ان وقت ملندو جڏهن اوهان کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ملندو، اوهان کي روزگار ۽ سٺيون نوڪريون ملنديون.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته مان ڪو امپورٽڊ وزيراعظم نه هئس، مقامي وزيراعظم هئس ۽ هو ناڪامي وزيراعظم هو، ننڪانه صاحب کي ماڊل سٽي بنائينداسين. مان اهو وزيراعظم نه آهيان جيڪو واعدو ڪري وساري ويهي ۽ يو ٽرن تي يو ٽرن وٺي. نوازشريف چيو ته ن ليگ جي دور ۾ گوادر ايئرپورث، بندرگاهه، ڪراچي ۾ امن، ملڪ ۾ موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو .گرين، ريڊ ۽ اورنج لائن بسون ۽ ٽرينون هلائڻ جي ڏوهه ۾ اسان جي هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳايون ويون. مون سان ڪهڙي دشمني هئي.؟ اهائي دشمني هئي ته مون ڪم ڪيا.نوازشريف ننڪانه صاحب جي عوام کي اسپتال، تعليم ۽ بنيادي سهوليتن جي فراهمي جو يقين ڏياريندي چيو ته هتي اسپتال ۽ روڊ ٺاهينداسين هتي گرلز ۽ بوائز جي لاءِ ڊگري ڪاليج ٺاهينداسين ۽ سيد والا کي ماڊل سٽي جو درجو ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو