ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مهانگائي جي نئين لهر عام ماڻهو سان گڏ وچولي طبقي جون ڏکيائيون به وڌائي ڇڏيون آهن ماني مهانگي ٿي وئي چڪن جي قيمت به ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي شهرين مطابق هاڻي ته دال، ڀاڄيون ڪابه شئي سستي ناهي رهي. وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟ تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ آيل مهانگائي جي نئين طوفان شهرين جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي گوشت ته گوشت هاڻي ڀاڄين ۽ دالين جون قيمتون به عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. حيدرآباد ۾ ماني، چپاتي ۽ نان جون قيمتون وڌي ويون نان 5 رپيا واڌ کان پوءِ 30 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو چپاتي 20 رپين جي ٿي وئي شهرين حڪومت کان ماني جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪڪڙ جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي هڪ ڏينهن ۾ ڪڪڙ جي قيمت ۾ 15 رپيا وڌي ويا قيمتن ۾ واڌ سان گڏ شهرين سان گڏ چڪن فروش پريشان آهن سکر ۾ ڪڪڙ جي گوشت کان پوءِ دالين ۽ چانورن جي قيمتن ۾ واڌ به عوام جا هوش وڃائي ڇڏيا دال ماش 400 رپيا، مڱن جي دال 350 رپيا، چڻن جي دال 240 رپيا ڪلو تائين ٿي وئي چانورن جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ سپر اسٽريم 350 رپيا ڪلو ٿي ويو شهرين چيو ته هاڻي ته ڪابه شئي سستي ناهي رهي حڪومت رڳو داعوائون بدران مهانگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي قدم کڻي.










