مانسهره جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ حادثن دوران 11 ڄڻا فوت

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ برسات دوران پيش ايندڙ حادثن ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.پوليس موجب مانسهره جي ڏوراهين علائقي ۾ ڪچو گهر ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب واقعي ۾ ماءُ ۽ هڪ ٻارڙو به زخمي ٿيا آهن. جن کي فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب مانسهره ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 8 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف ڪبل هزاره ۾ ڀت ڪرڻ جي واقعو پيش آيو جنهن دوران شادي هال جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ڪبل ۾ تيز طوفاني برسات دوران ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا هئا. پوليس موجب واقعي دوران هڪ ٻارڙو ۽ هڪ شخص فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو