مانجهند لڳ ٻن ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) انڊس هاءِ وي تي منظور آباد اسٽاپ وٽ المرتضي هوٽل تي  ٽرڪ پوئتي ڪرڻ دوران سيکڙاٽ ٽرڪ ڊرائيور جي غفلت سبب ٽرڪ کٽ مٿان چڙھي وئي، ننڊ پيل ٻه ڄڻادوست چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. هڪ ٻئي واقعي ۾ لاکڙا فيلڊ ۾ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت ٿي ويو. تفصيل موجب حيدرآباد کان  سن ويندڙ  سوزوڪي سوار ٿڪ ڀڃڻ لاءِ منظورآباد انڊس هاءِ وي لڳ المرتضي هوٽل تي بيٺل ٽرڪ پويان رکيل کٽ تي ستل هئا ته ٽرڪ جي سيکڙاٽ ڊرائيور کان پوئتي جو غلط گيئر لڳڻ سبب ٽرڪ کٽ مٿان چڙھي وئي، جنهن جي نتيجي ۾  سن لڳ ڳوٺ ملوڪ خاصخيليءَ جو رهواسي 30 ورهين جو نوجوان رفيق احمد ولد ڌڻي بخش خاصخيلي چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 22 ورهين جو مانجهند ويجهو ڳوٺ قُبي جو رهواسي امجد علي ولد گل حسن برهماڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي هوٽل تي موجود ماڻھو ڄامشورو لمس اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا ته  رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. جنهن جي اطلاع تي ٻنهي فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو،لمس اسپتال مان ضروري ڪاغذي ڪارروائي کانپوء لاش فوتين جي وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. خاڻوٺ پوليس ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏھن ته سيکڙاٽ ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو،آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هڪ ٻئي واقعي ۾ لاکڙا ڪول فيلڊ جي ٽن ڪوئلا ڪمپني جي کاڻ ۾ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب  26 ورهين جو مزدور انورڪمال ولد شھمير  پٺاڻ موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن کي مزدورن هڪ ڪلاڪ جي جدوجهد کان پوء ٻاهر ڪڍي مقامي ڊسپينسري آندو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد ڪمپني انتظاميا حوالي ڪيو ويو انتظاميا لاش کي غسل ڪفن ڏئي اباڻي علائقي شانگلا ڪي پي ڪي روانو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو