مامي ۽ ڀاڻيجيءَ ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)کوسڪي ويجهو ڳوٺ پنجاب چڪ ۾ مامي ڀاڻيجيءَ ھڪڙي رسي سان ڦاھو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي خبر موجب گذريل ڏينهن کوسڪي ويجھو ڳوٺ پنجاب چڪ ۾ 15 سالا نينگر جيرام پٽ سکيو ڪولھي ۽14 سالانينگري راڌا ڌي جيٺوڪولھي گھراندر ھڪڙي ھڪ رسو سان پنهنجن قندن ۾  ڦاھو ٻڌي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي خودڪشي ڪندڙ نينگر ۽نينگري پاڻ ۾مامون ۽ڀاڻيجي ھئا کوسڪي پولیس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ورتا ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوء لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا ٻئي طرف نينگري جي پيءُ جيٺوڪولھي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي ٻئي ٻارڙا رات جو ماني کائي سمهي رھيا ھئا صبحو جو سوير اٿيا سين ته ٻنهي جا گھراندر ڦاھو   لاش لٽڪيل ھئا خودڪشي جو ڪارڻ اسان کي به معلوم نه آهي پر اسان کي ڪنهن تي به شڪ شبو ناهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو