مال پڙي تي قرباني جي جانورن جي خريداري جاري

سکر(امداد علي ڪلوڙ) روهڙي واري علائقي ۾ لڳندڙ مال پڙي تي وڏي انگ ۾ قرباني وارا جانوري وڪرو ڪندڙ واپاري پهچي ويا، سکر جي آسپاس جي شهرين پاران مال پڙي روهڙي پهچي قرباني لاءِ جانورن جي خريداري ڪئي. ان موقعي تي قرباني جا جانور آڻيندڙن پاران پڙي سستي هجڻ جون دانهون ڪيون ويون. جڏهن ته خريد ڪندڙن جو چوڻ هو ته هن دفعي مال پڙي مهانگي آهي پر ان باوجود به قرباني لاءِ جانور خريد ڪري رهيا آهيون، جانورن جي خريداري بعد سکر شهر جي مختلف هنڌن تي قرباني جي جانورن کي ترسائڻ لاءِ ٽينٽ لڳائي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته جانورن لاءِ چارو پڻ مهانگو ٿي ويو آهي، سکر ۽ روهڙي سميت مختلف هنڌن تي جانورن جي رهائش لاءِ ڪيمپون لڳائي جانورن کي روزانو فيس جي بيناد تي رکيو پيو وڃي جنهن ذريعي ڪيمپون لڳائيندڙن پاران عيد ڪمائي جو سلسلو به جاري ٿي ويوآھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو