ايندڙ مالي سال لاءِ پرڏيهي فنانسنگ جو ڪاٿو 23 بلين ڊالر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ 23 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جو ابتدائي تخمينو ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب دوست ملڪن کان 12 ارب ڊالرن جو قرض ايندڙ مالي سال ۾ ورجايو ويندو.جنهن ۾ سعودي عرب مان 5 ارب ڊالر، يو اي اي مان 3 بلين ڊالر ۽ چين مان 4 ارب ڊالر ملندا.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چين کان وڌيڪ نئين فنانسنگ جو تخمينو به ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام تحت پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ملندي، جڏهن ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان نئين مالي مدد به بجيٽ تخميني ۾ شامل آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب نئين قرض پروگرام جا معاهدا مالياتي ادارن سان ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو