ماضي ۾ مون کان ٽڪيٽس ڏيڻ ۾ غلط فيصلا ٿيا،وزيراعظم

گلگت بلتستان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسد عمر کي جي بي پيڪيج لاءِ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، گهٽ پئسن جي باوجود اهڙي طرح جو پيڪيج وڏو ڪارنامو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جا حڪمران موڪلون گذرڻ باوجود لنڊن وڃن ٿا، انهن کي هن علائقي جي خبر ئي ناهي، جي بي جو اصل پوٽينشل سياحت آهي، وزيراعظم چيو ته قرض جي ادائگي سبب اسان وٽ پئسا گهٽ آهن، گلگت بلتستان سوئٽرزلينڊ کان سٺو علائقو آهي پر اسان جي حڪمرانن هميشه نظر انداز ڪيو، جڏهن به سياحت ۾ ترقي ٿيندي ته ملڪ کي فائدو ٿيندو، سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ منصوبن جي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ٻيلن جي سار سنڀال نه ڪئي ته ڪڏهن به سياحت کي هٿ نه ملي سگهندي، وزيراعظم عمران خان خطاب دوران اعتراف ڪيو ته مونکان وڏيون غلطيون ٿي وڃن ٿيون، ماضي ۾ مونکان ٽڪٽ ڏيڻ ۾ به ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون، ٽڪيٽ ڏيڻ ۾ غلط فيصلن تي اڪثر سوچيندو رهندو آهيان، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات کي فائدو پهچائڻ لاءِ اقتدار ۾ ايندا آهن، اقتدار ۾ اچي اهي ماڻهو پئسا ملڪ کان ٻاهر موڪليندا آهن، پئسا چوري ڪري ٻاهرين ملڪ کڻي وڃڻ وارا نقصان پهچائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو