مارچ ۾ پاڪستان لاءِ 4 خام تيل جي جهازن جو انتظام ٿي ويو

مارچ ۾ پاڪستان لاءِ 4 خام تيل جي جهازن جو انتظام ٿي ويو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مارچ ۾ پاڪستان لاءِ چار خام تيل جا جهاز بندوبست ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب، سعودي عرب طرفان هڪ جهاز جي پڪ ڏني وئي آهي، هڪ جهاز امارات کان فجيره ذريعي ايندو.پاڪستان لاءِ ٻه خام تيل جا جهاز آمريڪا کان ايندا، سعودي عرب ۽ امارات کان ايندڙ جهاز 70,000 ٽن خام تيل جا هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پارڪو امارات ۽ سعودي عرب کان خام تيل جو آرڊر ڏيندو، جڏهن ته سينرجيڪو آمريڪا کان خام تيل جا ٻه جهاز آرڊر ڪري رهيو آهي.

“مارچ ۾ پاڪستان لاءِ 4 خام تيل جي جهازن جو انتظام ٿي ويو” هڪ تبصرو

  1. عقيدو يا شدت پسندي؟

    انسان کي پنهنجي مذهب سان محبت هئڻ ڪا غلط ڳالھ ناهي، هر ماڻهو جنهن عقيدي يا فرقي سان لاڳاپيل هوندو آهي، اهو ئي هن کي سچو ۽ بهتر لڳندو آهي.

    پر مسئلو تڏهن شروع ٿيندو آهي جڏهن عقيدو محبت مان نڪري شدت پسندي ۾ تبديل ٿي وڃي.

    جڏهن ڪو ماڻهو هي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري:

    • صرف اسانجو مذهب ئي سچو آهي
    • باقي دنيا جا سڀ مذهب ڪوڙا آهن
    • صرف اسان ئي بهترين انسان آهيون
    • هر ماڻهو کي اسان جهڙو ٿيڻ گهرجي
    • مختلف سوچيندڙ ماڻهو ڀٽڪيل آهن
    • ماڻهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت ڪرڻ
    • ٻين کي گنهگار يا سزا جا حقدار قرار ڏيڻ

    ته پوءِ اهو صرف عقيدو ناهي رهندو، پر شدت پسندي (Fanaticism) بڻجي ويندو آهي .

    نفسيات مطابق جڏهن ڪو ماڻهو يا گروھ پاڻ کي ٻين کان مڪمل طور برتر سمجهڻ لڳي ته ان ۾ Narcissistic سوچ جا عنصر به شامل ٿي سگهن ٿا.

    مذهب جو مقصد انسان کي بهتر، مهربان ۽ انصاف پسند بڻائڻ آهي.

    پر جيڪڏهن ڪو عقيدو انسان کي
    نفرت، فيصلن ۽ تشدد ڏانهن وٺي وڃي،

    ته پوءِ سوال ضرور ٿيڻ گهرجي:

    ڇا اهو عقيدو آهي؟
    يا انتهاپسندي؟

    #عامر

پهنجو تبصرو موڪليو