نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)وينزويلا جي ’اغوا ڪيل‘ 63 سالن جي صدر نڪولس مادورو آمريڪي عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته مان پنهنجي ملڪ جو صدر آهيان، ڏوهي ناهيان، مان هڪ بهترين سخص آهيان. هنکي زال سيليا فلوريس سميت مينهيٽن جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. اڄوڪي عدالتي ڪاروائي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتي. عدالت ۾ ڪيمرائن جي اجازت نه هئي پر ڪجهه رپورٽرن کي شرڪت جي اجازت ملي جن کي لائيو رپورٽنگ جي اجازت هئي. مادورو پنهنجي اٽارني بيري جوئل پولاڪ تي اعتماد ڪيو جيڪو وڪي ليڪس واري جوابدار جولين اسانج جو به وڪيل رهيو آهي. هنن کي آمريڪا جي ڊرگ انفورسمينٽ ايجنسي ۽ پوليس جي سخت پهري ۾ نيو يارڪ جي عدالت ۾ جيل جي قيدين واري ڊريس ۾ پيش ڪيو ويو، جتي مٿس منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ جي الزامن هيٺ ڪيس هلايو ويو. مادورو نوٽس وٺندو رهيو ۽ سندس زال جي چهري تي ڪافي ننهنڊون نظر آيون، جيڪي شايد هن کي گرفتاري وقت آيون هجن. مادورو کي هڪ نيري ۽ نارنگي رنگ جي شرٽ پاتل هئي، 40 منٽن جي ڪاروائي دوران هن اسپينش زبان ۾ ڏنل بيان ۾ پنهنجي بيگناهه هجڻ تي فوڪس ڪيو. عدالت حاضري 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سندس پهرين پيشي جي وقت ڪافي تعداد ۾ ميڊيا جا نمائندا ۽ عوام به آيل هو. عدالتي ڪارروائي ختم ٿيڻ تي هڪ سخص کيس چيو ته اوهان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو ڀوڳڻو پوندو، جنهن تي آرام سان مادورو کيس چيو ته مان اغوا ڪيل صدر ۽ جنگي قيدي آهيان، جنهن بعد سيڪورٽي وارا کيس زال سوڌو عدالت جي پوئيس دروزاي کان جلد ٻاهروٺي ويا. احتجاج ڪندڙن ۾ سندس مخالف ۽ حامي به شامل هئا. ڪجهه ماڻهن سندس حق ۾ نعرا هڻدي صدر ٽرمپ جي عمل جي مذمت پئي ڪئي ته ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ شڪريو ٽرمپ جا ڪتبا کنيل هئا. اڄوڪي حاضري لاءِ عدالت سندس لاءِ اٽارني مقرر ڪيو آهي. هنکي اهڙي وقت ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس نيويارڪ ۾ جاري آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ ڪجهه سفيرن جا بيان پڙهو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪا جي مذمت ڪندي مادورو جي حق ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن. وينزويلا جي عبوري صدر ڊيلسي روڊريگيز ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته جنهن به آمريڪي حملي جي حق ۾ احتجاج ڪيو يا خوشي ملهائي ان کي گرفتار ڪيو ويندو. هن آمريڪا سان ڳالهين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسين ساڻن عزت ڀري انداز ۾ اقتدار جي منتقلي بابت ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس اهڙو بيان، صدر ٽرمپ جي ان ڌمڪي کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته عبوري صدر جو حشر مادورو کان به خراب ٿيندو، وينزويلا تي ٻيهر حملو ڪنداسين ۽ کيس ڳري قيمت چڪائڻي پوندي.
مشهور خبرون










