ماتمي جلوس،شهداءِ ڪربلا کي ڀيٽا پيش

شاهپورجهانيان (اسد ٻگهيو) ۾ 12 محرم الحرام جوماتمي جلوس  مرڪزي امام بارگاهه درگاهه محمود شاهه جهانيان تان برآمد ٿيو، جيڪو مختلف رستن تان ٿيندي، درگاه سيد ذاڪر حسين شاه جهانيان تي پهتو، جتي عزادارن وک وک تي سينه زني ماتم ڪيو ۽ ياحسين ياحسين اڀ ڏاريندڙ صدائون پڻ گونجنديون رهيون، انجمن پاسداران حضرت ابوطالب عليہ السلام پاران 12 محرم الحرام جو ماتمي جلوس سيد باقر علي شاه جهانيان ، مولوي امام الدين لانگاه ،استاد محمد خان لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتوجيڪو پنهنجي روايتي رستن تان روان دوان ٿيندي مرڪزي امام بارگاهه تي نهر ٿيو.جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو