مائٽن جي فوتگي ۾ ويندڙ هڪ ئي خاندان جا 2 فوت 6 زخمي، مورو لڳ ويگن ڪلٽي

نوشھروفيروز(ڊ ر) مورو ڀرسان نيشنل هائي وي تي ڌيرڻ وٽ ڪراچي کان شڪار پور ويندڙ ھاءِ ايس وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي م  سيد خاندان جي هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت، ٻن معصوم ٻارڙن سميت 06 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۾ ايس آر پي ڪراچي جو انسپيڪٽر امتياز علي شاہ ۽ مسمات آمنہ  شاہ شامل آھن. جڏھن تہ زخمين م شبانہ بيبي، شبنم بيبي، حسنين شاہ، سينگارعلي شاہ ۽ بختيار علي شاہ شامل آھن. فوتين ۽ زخمين کي  موٽر وي ۽ درس ٿاڻي جي پوليس کڻائي تعلقہ اسپتال مورو آندو آھي جڏھن تہ حادثي جو وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آھي. حادثي جو شڪار ٿيل سيد خاندان ڪراچي کان شڪارپور پنھنجي ڪنھن عزيز جي فوتگي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء وڃي رھيا ھئا تہ سندن سان اھڙو حادثو پيش آيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو